ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به في تولي سون جي اگهه ۾ 14 سئو رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 14 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 47 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1200 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 97 هزار 668 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ 14 ڊالر لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ في اونس 3 هزار 288 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like