واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جا نمائندا ايندڙ هفتي آمريڪا اچي رهيا آهن، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن بابت ڳالهيون ٿينديون.
جوائنٽ بيس اينڊريوز تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ ٻڌايو ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي سان واپاري معاهدن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ” اسان ڀارت سان هڪ معاهدي جي بلڪل ويجهو پهچي ويا آهيون، جڏهن ته پاڪستاني وفد ايندڙ هفتي آمريڪا اچي رهيو آهي.“
صدر ٽرمپ واضع ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ جاري رهي ها ته کيس ٻنهي ملڪن مان ڪنهن سان به ڊيل ۾ دلچسپي نه رهي ها.
هن چيو ته ” مان ٻنهي ملڪن کي واضع چيو آهي ته اسان انهن تڏهن ئي واپار ڪري سگهون ٿا جڏهن هو هڪ ٻئي تي گوليون نه وسائين.“
صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي فخر آهي ته هن واپار کي هٿيار بڻائي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ امڪاني جوهري ويڙهه جو خطرو ٽاريو ، جنهن بابت عالمي سطح ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.
ٻئي پاسي ان کان اڳ صدر ٽرمپ اوول آفيس ۾ ايلون مسڪ جي موجودگي ۾ به پاڪستان ۽ ڀارت جي صورتحال تي ڳالهايو، جتي هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن کي جنگ کان روڪيو، ٻنهي ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ جوهري تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي پئي.
صدر ٽرمپ چيو ته واپاري معاهدي لاءِ امن ضروري آهي اسان اهڙن ملڪن سان واپار نٿا ڪري سگهون جيڪي هڪ ٻئي تي گوليون وسائين.
آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگي ڇڪتاڻ تي آمريڪا ڏهه ڀيرا مداخلت ڪري چڪو آهي ۽ هر ڀيري واپار ذريعي ڇڪتاڻ گهٽائي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پاڪستان آمريڪي مارڪيٽ ۾ 29 سيڪڙو ٽيرف کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏھن ته ڀارت تي 26 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي 3 ارب ڊالر جي واپاري سرپلس سبب آمريڪا واپاري پاليسين تي ٻيهر غور ڪري رهيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب به ڪجهه ڏينهن اڳ تصديق ڪئي هئي ته آمريڪي تجارتي نمائندي سان سندن رابطي کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ رسمي واپاري ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ جلد ئي ٽيڪنيڪي سطح تي تفصيلي ملاقاتون ٿينديون.
Next Post
You might also like