جوهري هٿيار نه رکڻ واري معاملي تي آمريڪا سان متفق آهيون: ايران

تهران (ويب ڊيڪس) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جوهري هٿيار نه رکڻ واري معاملي تي آمريڪا سان متفق آهيون.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليويزن خطاب دوران هڪ ڀيرو ٻيهر تهران جي جوهري هٿيارن بابت موقف کي ورجائيندي چيو ته ايران به جوهري هٿيارن کي ناقابل قبول سمجهي ٿو.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ” جوهري هٿيار نه رکڻ“ واري معاملي تي اسان آمريڪا سان متفق آهيون.
ياد رهي ته عباس عراقچي آمريڪا سان جوهري هٿيارن بابت هلندڙ ڳالهين واري ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران سان جوهري معاهدي بابت ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.