اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) بِٽ ڪوائن مائننگ ۽ اي آءِ کي بجلي فراهم ڪرڻ جي معاملي تي خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، بِٽ ڪوائن مائننگ ۽ اي آءِ کي بجلي فراهم ڪرڻ جي معاملي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ ۽ بجلي جي ٽيرف تي حڪومت کان وضاحت طلب ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي وفد سان بِٽ ڪوائن مائننگ کي بجلي فراهم ڪرڻ تي ورچوئل ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت نه هجڻ باوجود بجلي مختص ڪرڻ تي وضاحت گهري آهي.
آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته قرض پروگرام ۾ رهندي سمورا قدم صلاح مشوري سان کنيا وڃن، جڏهن ته حڪومت جي معاشي ٽيم کي بجيٽ تي ڳالهين دوران آءِ ايم ايف جي سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ بجلي جي فراهمي واري قدم تي آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ سخت ڳالهه ٻولهه جو خدشو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ سمورن معاملن تي ورچوئل ڳالهين کي جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي.