راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته اسان کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، هاڻي روڊن تي نڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪو به آپشن ناهي بچيو.
هن چيو ته عمران خان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا رڳو اسلام آباد تائين محدود نه هوندي، پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلائي ويندي.
بئريسٽر علي ظفر موجب، عمران خان چيو آهي ته ملڪ گير احتجاجي تحريڪ کي هو جيل مان ئي ليڊ ڪندو، احتجاجي تحريڪ بابت سموريون هدايتون پڻ ڏيندو،
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کيس ذميواري ڏني آهي ته وڪيلن ۽ پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪري احتجاجي تحريڪ جي مڪمل حڪمت عملي تيار ڪيان، ايندڙ ملاقات تي عمران خان آڏو تحريڪ جو پلان پيش ڪيو ويندو .
سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي نظر ۾ هيءَ تحريڪ گذريل هڙني تحريڪن کان مختلف ۽ وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ هوندي ۽ عمران خان چيو آهي ته اسان کي عدليا ۽ انتظاميا مان ڪو به رليف نه پيو ملي، 5 جون تي ٻڌڻي ٿيندي يا نه، اهو سوال آهي، پر اميد آهي ته رليف ملندو .