موري ۾ پوليس دهشتگردي جي مذمت ڪيو ٿا، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: جونيئر ذوالفقار

مورو (ويب ڊيسڪ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو موري ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران ٻن نوجوانن جي شهادت تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ڳوٺ بجاراڻي لغاري پهتو، جتي هن شهيد زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن الزام هنيو ته پوليس موري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ عام ماڻهن سان دهشتگردي ڪئي آهي، جنهن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته عرفان ۽ زاهد لغاري کي شهيد ڪيو ويو ۽ پوءِ موري شهر تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.
هن چيو ته ڪنهن جو لاش کسي، کيس لاوارث دفنائڻ ڪهڙي قانون تحت جائز آهي؟ ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي؟
ڪئنالن واري معاملي تي ڳالهائيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته سنڌو درياهه جي بچاءَ لاءِ گلگت کان ڪراچي تائين سڀ هڪ آهيون. پاڻيءَ تي زيادتين خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين.“
واضح رهي ته موري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومپرستن جي احتجاج تي پوليس جي چڙهائي ۽ ٻن نوجوانن جي شهادت کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي،جنهن کانپوءِ مختلف سياسي، سماجي ۽ شهري ڌرين طرفان ان واقعي جي شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.