اداڪارا دپيڪا جگر جي ڪئنسر ۾ مبتلا، مداحن کان دعا جي اپيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي اداڪارا ڊرامي ”سسرال سمر ڪا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ دپيڪا ڪڪڙ ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ڪندي مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ اداڪار تي لکيو آهي ته ” هوءَ پوري همت ۽ هاڪاري سوچ سان هن موذي مرض جو مقابلو ڪري رهي آهي.“
سندس چوڻ هو ته ” انشاالله اسين هن ڏکئي وقت مان نڪري وينداسين، منهنجو ڪٽنب مون سان گڏ آهي ۽ توهان سڀني جون محبتون ۽ دعائون مون کي طاقت ڏئي رهيون آهن، مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.“
دپيڪا جو چوڻ هو ته ڪجهه هفتا اڳ کيس پيٽ جي مٿئين حصي ۾ سخت سور محسوس ٿيو، جنهن کانپوءِ هوءَ اسپتال وئي، جتي کيس ٻڌايو ويو ته سندس جگر ۾ ٽينس بال جيترو ٽيومر آهي، منجهس سيڪنڊ اسٽيج ڪينسر نشاندهي ٿي آهي، سندس مڙس شعيب ابراهيم به سندس بيماري جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي زال سان گڏ آهي.
دپيڪا ڪڪڙ ٽيليويزن سان گڏوگڏ فلم ” پلٽن“به نظر آئي هئي، جڏهن ته هوءَ رئيلٽي شو ”بگ باس سيزن 12“ جي فاتح به رهي.
دپيڪا طرفان ڪينسر جي تصديق کانپوءِ ِسندس مداح وڏي انگ ۾اداڪارا جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون گهرندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.