خبردار! معمولي غلطي جي ڪري جان سينا به ٻه ڀيرا ڪينسر ۾ مبتلا ٿيو

دنيا ۾ ڪينسرن جي سڀني قسمن مان عام چمڙيءَ جي ڪينسر آهي،جيڪا ڪنهن به ماڻهو کي ٿي سگهي ٿي. مشهور ڊبليو ڊبليو اي ريسلر جان سينا تازو انڪشاف ڪيو ته هو ٻه ڀيرا چمڙي جي ڪينسر سان منهن ڏئي چڪو آهي. 48 ورهين جي جان سينا چيو ته ماضي ۾ هو سن اسڪرين کي نظرانداز ڪندو رهيو، پر هاڻي سندس ڪوشش آهي ته عوام ۾ سن اسڪرين جي اهميت بابت شعور وڌايو وڃي.

جان سينا جي جلد ۾ پهريون دفعو ڪينسر جو نشان سيني ۾ طبي معائني دوران دريافت ٿيو، جڏهن ته ٻيو نشان هڪ سال پوءِ چيلهه ۾ مليو. هن ٻڌايو ته انهن واقعن کان پوءِ سندس زندگي مڪمل طور تبديل ٿي وئي. جان سينا هاڻي روزانو سن اسڪرين جو استعمال ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته ٻين خاص ڪري مردن کي به سن اسڪرين استعمال ڪرڻ جي ترغيب ملي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن جان سينا جهڙا مشهور ماڻهو چمڙي جي ڪينسر بابت ڳالهائين ٿا ته ان سان حقيقي فرق پيدا ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پاڻ به مدد طلب ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ٿا. سن اسڪرين سج جي نقصان ڏيندڙ شعاعن کان بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جيڪي چمڙي جي خلين ۾ ڊي اين اي کي نقصان پهچائينديون آهن ۽ چمڙي جي ڪينسر جو خطرو وڌائينديون آهن.

ماهرن ٻڌايو ته چمڙي جي ڪينسر جي اڪثر ڪيسن کان بچاءُ سولو آهي، جهڙوڪ سن اسڪرين جو استعمال ۽ چمڙي ۾ ٿيندڙ تبديليون نظر ۾ رکڻ. جڏهن سن اسڪرين استعمال ڪيو وڃي ته سڀني کليل حصن، ڪنن، ڳچي ۽ هٿن تي به لڳائڻ ضروري آهي، ڇو ته اهي به خطري ۾ هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.