ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ست ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، ڌماڪو هنا پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڪلي منگل واري علائقي ۾ ٿيو آيو.
ه ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واقعي جي زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال نيو ويو آهي.