نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج پهريون ڀيرو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ ايئرفورس هٿان پنهنجن جنگي جهازن جي تباهي جو اعتراف ڪري ورتو.
آمريڪي رسالي بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي ڀارتي چيف آف ڊي فينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ چيو ته پاڪستان سان چڪرين دوران ڀارت پنهنجا جنگي جهاز وڃايا، جڏهن ته 6 ڀارتي جهازن جي ڪيرائڻ بابت سوال تي جنرل انيل چوهاڻ جهازن جو انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ” انگ اهم ناهي، اسان لاءِ اهم اِهو آهي ته جهاز ڪِريا ڇو.“
جنرل چوهاڻ وڌيڪ چيو ته ” اسان چڪرين دوران ٽيڪنيڪي غلطيون ڪيون، جنهن جو احساس آهي، اصل ڳالهه اها آهي ته ڀارتي جهاز ڇو ڪريا، جڏهن ته ٽيڪنيڪي غلطيون سڌارڻ کانپوءِ جهازن ڊگهي هدف کي نشانو بڻايو.“
ياد رهي ته ڀارت ڪشمير جي سياحتي علائقي پَهَلگام ۾ حملي جو جواز بڻائيندي، پهريان پاڪستان خلاف آبي جارحيت ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو ۽ پوءِ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن تي ميزائل حملا ڪيا، جن جو پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن دوران ڀارت جا ڇهه جنگي جهاز جن ۾ ٽه رافيل جهاز پڻ شامل هئا تباهه ڪري ڇڏيا.
ان کانپوءِ 10 مئي تي ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي نور خان ايئر بيس ۽ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي ميزائل حملو ڪيو، جنهن تي پاڪستان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي آپريشن بنيان مرصوص شروع ڪيو.
ان آپريشن دوران پاڪ فوج آدم پور، اُڌمپور سميت ڪيترن ئي ايئر فيلڊز ۽ ايمونيشن ڊپو کي نشانو بڻايو.
پاڪستان جي اثرائتي جوابي حملي کانپوءِ جڏهن ڀارت کي پنهنجي شڪست نظر اچڻ لڳي ته ڀارت، آمريڪا سميت ٻين اتحادي ملڪن کان جنگ بند ڪرائڻ جي اپيل ڪئي، جنهن بعد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي طئي ٿي.