ڪوئيٽا(م ڊ)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع لورالائي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل پنج دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر مطابق فورسز کي اطلاع ملي ته فتنه الهندستان جا دهشتگرد ضلعي لورالائي ۾ موجود آهن، جنهن تي فوري آپريشن ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ آيو، فوجي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد ماضي ۾ 26 آگسٽ 2024 تي قومي شاهراهه تي ٿيل تخريبڪاري، ۽ 18 فيبروري 2025 تي ٿيل حملي ۾ ملوث هئا، جن سبب 30 بيگناهه شھري شهيد ٿيا هئا، ان کانسواءِ، سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي ضلعي ڪِيچ ۾ ٻي ڪارروائي ڪئي وئي، جتي وڌيڪ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا. پاڪ فوج، ملڪ ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.