جڏهن به هرسال سانوڻي اچي ٿي ڪاڇي جي ماروئڙن کي پنهنجا اباڻا اجها کڄڻ جو خطرو محسوس ٿئي ٿو ڇو ته ڪاڇي ۾ حڪومت نالي ڪابه شي ناهي رهي جيڪي مصيبتن دوران مسڪينن جي مالڪي ڪري يا انهن کي محفوظ هنڌن تائين منتقل ڪري نااهل حڪمراني جي ڪري هرسال ڪاڇي واسي برساتن دوران جابلو نين جي وهڪرن ۾ پنهنجا اجها گهر ٻنيون وڃائي يا کڻائي ويهن ٿا گذريل هڪ صدي کان اڳ وهنديون رهيون آھن پر انهن سڀني ندين مان نئي سول جي وهڻ جو انداز ۽ خوف پنهنجو آھي هي ندي انگريز سرڪار پاران سنڌ جي سڀ کان وڏي جابلو گاج ندي جي واڌو پاڻي جي نيڪال لاءِ عارضي طور ڪڍرائي وئي وئي هئي انگريز سرڪار پاران گاج ندي جي وهڪرن کان علائقي جي ڳوٺن کي بچائڻ ۽ پاڻي ورهاست مطابق جڏهن گاج ندي کي تير ڀت ۽ بند ڏنو پئي ويو ۽ خدا جي قدرت سان ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن تيز برساتن ۾ جڏهن گاج ندي وهي ته انجو واڌو پاڻي نئين سول ڏانهن چڙھي وهڻ لڳو جيڪو هرسال سانوڻي دوران وهندي وهندي ۽ ڏسندي ڏسندي ڪاڇي جي سڀني ندين کي مات ڏئي وڏي خونخوار ندين ۾ شمار ٿي وئي. ڪاڇي ۾ جيڪي جابلو نديون وهن ٿيون انهن ۾ نئي سڪ ۔گاج۔ سول۔ تڪي ۔ نلي۔ انگئي۔ کنڌاني۔ ڪڪڙاني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جابلو نديون وهي نڪرن ٿيون پر سول ندي جي وهڻ جو انداز تمام خوفائتو آھي
سن 2000 دوران ان وقت جي ڊي سي دادو وزٽ ڪري معائنو ڪيو هو ۽ نئي سول کي ننڍا ننڍا اسپر بند لڳائڻ جي اسٽيمينٽ سنڌ حڪومت کي به اماڻي پر هن وقت تائين ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون ۽هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته نئي سول جي نشاني تي بيٺل انهن تاريخي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ اسپر بند لڳائڻ جي فوري طور ضرورت آهي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پورو ڪاڇو نئي سول جي پيٽ ۾ اچي ويندو ۽ ڳوٺن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو سو سنڌ حڪومت ۽ دادو ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي ذميواري آھي ته هو هن سنگين معاملي تي غور ڪري تاريخي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ پلاننگ جوڙين ۽ نئي سول کي ننڍا اسپر بند لڳرائي ۽ وهڪرن جي رفتار کي ٿڌو ڪن هن وقت نئي جي وهڪرن جو رخ سنئو سڌو واهي پانڌي روڊ ۽ پٽ سليمان قبرستان طرف ٿي چڪو آھي ايندڙ ڪجهه سالن اندر آس پاس جا ڪيترائي ڳوٺ روڊ رستا کڄي سگهن ٿا حڪومت کي فوري طور اپاءُ وٺڻ گهرجن
محمد اسماعيل لانگاھ