هالي ووڊ جي اُها فلم جيڪا ڪمائيءَ ۾ ” جوڪر“ ۽ ” اوپن هائيمر “ کان به اڳتي نڪري وئي

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جي سپر نيچرل هارر فلم ”سِنرز“ رليز جي ڇهين هفتي ۾ هڪ ڏهائي هڪ ملين ڊالر ڪمائي ڪري آر-ريٽڊ فلمن ۾”جوڪر“ ۽ ”اوپن هائيمر“ کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آمريڪي هدايتڪار ريان ڪوگلر جي فلم سِنرز آمريڪي باڪس آفيس تي ڇهين هفتي دوران اميد کان وڌيڪ ڪاروبار ڪري سڀني کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون آهن.
فلم جي آمدني ۾ گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 40.5 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ ان کي 886 سئنما هالن مان هٽايو ويو آهي، پر ان باوجود به اها فلم آر ريٽڊ فلمن جي تاريخ ۾ ڇهين هفتي جي آمدني ۾ ٻي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي.
سِنرز اهڙين وڏين فلمن کي به پوئتي ڇڏي چڪي آهي، جن ۾ جوڪر، اوپن هائيمر ۽ ڊيڊپول اينڊ وولورين شامل آهن، جيڪي ڇهن هفتن تائين هڪ ملين ڊالر کان گهٽ ڪمائي سگهيون هيون.
هيءَ فلم هلندڙ سال اپريل ۾ رليز ٿيندڙ فلمن مان ٽِين سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ فلم وڌيڪ ڪمائي ڪري سگهي ٿي.
ياد رهي ته ”سِنرز“ 18 اپريل تي رليز ٿي هئي ۽ اها فلم 1932ع جي ميسي سيپي ڊيلٽا جي پس منظر تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ مائيڪل بي جورڊن ٻن ڪردارن”سمُوڪ“ ۽ ”اسٽيڪ“ ۾ نظر آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.