عورتن جي صحت سان لاڳاپيل هڪ سنجيده ۽ ڳڻتي جوڳو انڪشاف تازو ئي عالمي ميڊيا جي زينت بڻجي ويو آهي. هڪ اهڙي دوا جيڪا عورتن لاءِ حمل جي روڪٿام جو ذريعو هئي، هاڻي سندن صحت لاءِ هڪ ممڪن خطري جي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي.
عالمي رپورٽن مطابق "ڊيپو پروويئرا” (Depo-Provera) نالي هي دوا، جنهن کي لکين عورتون استعمال ڪري چڪيون آهن، دماغي ڪينسر مطلب مينينجيوما سان ڳنڍجي رهي آهي.
فرانس جي نئشنل ايجنسي فار ميڊيسنز اينڊ هيلٿ پروڊڪٽس سيفٽي پاران 2023 ۾ جاري ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي عورتون هڪ سال يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين هي دوا استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ دماغي رسولين جو خطرو پنج ڀيرا وڌيڪ ڏٺو ويو. جيتوڻيڪ اهي رسوليون عام طور تي ڪينسر نه هونديون آهن، پر جڏهن اهي وڌڻ لڳن ته دماغ ۽ اعصابي نظام تي دٻاءُ وجهي سگهن ٿيون ۽ ان سان سنگين صحت جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافتا ملڪن ۾ به ڪيترين عورتن دوا جي استعمال کانپوءِ دماغي دٻاءُ، دورا ۽ اعصابي مسئلن جي شڪايت ڪئي آهي. نتيجي طور دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف قانوني ڪارروائيون به شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته عورتن جي وڏي انگ ۾ پنهنجي خدشن جو به کلي اظهار ڪيو آهي.
برطانيا ۾ سوين عورتون "ڊيپو پروويئرا” خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جي تياري ۾ آهن. هن انجڪشن ۾ موجود سرگرم جزو "ميڊروڪسي پروجيڪٽيرون اي سيٽيٽ” آهي، جيڪو پاڪستان ۾ به مختلف نالن سان موجود آهي جهڙوڪ "ڊيپو پروويئرا سهيلي”، "فيميلا”، "ميڊروڪسي ڊيپو” ۽ "ميگسٽيرون”. هر مهيني رڳو انگلينڊ ۾ ئي هن دوا جا 10 هزار کان وڌيڪ نسخا جاري ٿين ٿا.
هڪ متاثر عورت 18 سالن جي جيسيڪا بليڪ جي ڪهاڻي به سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. جيسيڪا کي جنوري 2024 ۾ هي دوا ڏني وئي هئي ۽ ان کانپوءِ هن کي 20 کان وڌيڪ دورا پيا آهن. هن جو چوڻ آهي ته هن کي اڳ ڪا به اهڙي بيماري نه هئي، ان ڪري هن جي طبيعت خراب ٿيڻ جي وڏي وجهه هي دوا ئي آهي.
ڊاڪٽر اين هينڊرسن، جيڪو اڳوڻو گائنيڪولوجي ماهر آهي، ان دوا جي خطري جي تصديق ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته رڳو حيض تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهڙي دوا تجويز ڪرڻ هڪ خطرناڪ طبي غلطي آهي. هن عورتن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي صحت بابت مڪمل ڄاڻ رکڻ گهرجي ۽ پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ڇا هي دوا انهن لاءِ محفوظ آهي يا نه.
آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ 400 عورتن دوا ٺاهيندڙ ڪمپني فائزر ۽ ٻين ادارن تي الزام لڳايو آهي ته انهن دوا جي خطرن کان آگاهي ڏيڻ کانسواءِ اها وڪرو ڪئي. برطانيا ۾ به عورتن طرفان قانوني مدد وٺڻ ۽ دعوائون داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
ان انڪشاف کانپوءِ برطانيا جي ميڊيسنز اينڊ هيلٿ ڪيئر پراڊڪٽس ريگوليٽري اٿارٽي (MHRA) فائزر کي هدايت ڏني آهي ته هو پنهنجي دوا جي معلوماتي ڪتابچي ۾ دماغي رسولين جي خطري بابت واضح وارننگ شامل ڪري. ڪمپني پاران نئشنل هيلٿ سروس جي ڊاڪٽرن کي به خط لکي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مريض عورت ۾ مينينجيوما جي سڃاڻپ ٿئي ته دوا جو استعمال فوري طور تي بند ڪيو وڃي.
اهو معاملو رڳو هڪ دوا تائين محدود ناهي، پر عورتن جي حقن ۽ صحت بابت وڏي سوال کي جنم ڏئي ٿو: ڇا عورتن کي انهن دوائن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني وڃي ٿي جيڪي انهن جي جسم ۾ اهم تبديليون آڻين ٿيون؟ هن واقعي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل فيصلا اعتماد کان وڌيڪ ڄاڻ جي بنياد تي ڪرڻ گهرجن.