” بابر ۽ رضوان کي رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏايو“ اڳوڻي ڪرڪيٽر جي سليڪٽرن کي صلاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ(پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل، اڳوڻي ڪپتان بابراعظم ۽ محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي.
هڪ تازي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته بابراعظم ۽ رضوان کي مستقل طور تي ٽي ٽوئنٽي مان ٻاهر ڪرڻ صحيح قدم آهي.
سندس چوڻ هو ته ” منهنجي خيال ۾ ٻئي رانديگر ٽيسٽ فارميٽ لاءِ وڌيڪ بهتر آپشن آهن، کين هاڻ رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تائين محدود رکڻ گهرجي ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ کين ون ڊي مان به ڊراپ ڪرڻ بهتر هوندو“
ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪو به ٽيسٽ ڪرڪيٽ بابت نه ٿو ڳالهائي، جڏهن ته حقيقي رانديگر ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان ئي اڀرن ٿا، اوهان کي پاڻ کي رڳو ٽي ٽوئنٽي تائين محدود نه رکڻ گهرجي.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ جي دوري دوران خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابراعظم ۽ محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو هو، جڏهن ته بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به کين موقعو نه ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.