قمبر (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سبزوئي چيو آهي ته صدف حاصلو جي قاتل جي گرفتاري ۾ دادو پوليس جو ڪو به ڪردار نه آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي ساجد امير سبزوئي چيو آهي ته جوابدار فريد حاصلو کي قمبر پوليس گرفتار ڪيو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته 53 ڏينهن تائين جوابدار دادو ضلعي ۾ موجود رهيو، پر دادو پوليس کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.