حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وقتي صدر روشن ٻرڙو ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جڳديش آھوجا، رمضان ٻرڙو، اصغر قريشي، منور خاصخيلي، فتح خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مورو واقعو سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ سنڌ زمينن جي والار خلاف جدوجهد کي نقصان پهچائڻ لاءِ پ پ ۽ اسٽيبليشمينٽ جي گڏيل سازش هو. مورو ۾ پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف پرامن احتجاج کي هڪ سازش ذريعي پر تشدد بڻايو ويو ته جيئن انهي جدوجهد کي روڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ حڪومت پاران ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي شھيد زاهد لغاري ۽ شھيد عرفان لغاري جي قتل واري واقعي سميت مورو واقعي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جي اڳواڻي ۾ جڊيشل ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جاچ کان اڳ واقعي جو ڪيس شھيدن جي وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته پ پ حڪومت جي ڊي اي، پي ٽي آءِ سميت مختلف قومپرست مخالف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس ذريعي چڙھايون ڪرائي سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ پاڻي ۽ زمينن جي والار خلاف احتجاجي کي روڪڻ لاءِ ھراسان ڪري رهي آھي. جيڪو عمل آئين ۽ قانون جي خلاف آھي. پ پ حڪومت ڪيترو به ظلم ڪري ۽ دٻاء وجهي پر اسان جي پر امن جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته ايس يو پي عيد کانپوءِ پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار ۽ معدنيات، منرل ۽ تفريحي ماڳن تي قبضي جي ڪوشش خلاف مرحليوار پرامن تحريڪ هلائيندي. جڏهن جلد مورو ۾ ايس يو پي لائير فورم پاران ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو.