ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ شديد گرمي باوجود بجلي بندش کان تنگ شهري روڊن تي نڪري آيا، گوليمار، لسٻيلي روڊ ۽ آس پاس جي اهم رستن تي احتجاج سبب سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڪورنگي، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ به شهرين احتجاج ڪيو. احتجاج سبب شديد ٽريفڪ جام جي صورتحال پيدا ٿي وئي. شهري ڪجهه منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. مظاهرين جو چوڻ هو ته بنا اطلاع ۽ شيڊيول جي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي. اهو روزاني جو معمول بڻيل آهي، صرف 2 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي ۽ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي.ٻئي طرف، ملير 15 نيشنل هاءِ وي تي بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪندي مظاهرو ڪندڙن قائد آباد ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ ٻئي ٽريڪ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جو وقت علائقي ۾ ٿيندڙ بجلي چوري ۽ نقصان جي شرح تي ٻڌل آهي.
ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا قھر، نبيل گبول جو پاڻ ساڙڻ جو اعلان
ڪراچي (ارباب چانڊيو) لياري مان پ پ جي چونڊيل ايم اين اي نبيل گبول پاران خودڪشي جو اعلان ڪيو ويوآھي.نبيل گبول پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن خلاف ان جي آفيس جي در تي پاڻ ساڙڻ اعلان ڪيو آھي.نبيل گبول مطابق لياري واسين 40 سالن کان سندس ساٿ نڀايو آھي ھو انھن سان غداري نھ ٿو ڪري سگھي.لياري ۾ بجلي ميسر نھ ھئڻ سبب ھو مجبور ٿي ويواھي تھ ڪي اليڪٽرڪ جي صدر دفتر اڳيان خود سوزي ڪري .نبيل گبول جي آڊيو ۾ ھن کي چوندي ٻڌي سگجھي ٿو تھ اگر لياري جو عوام مطمئن ناھي تھ بس ھڪ ڪم ئي رھجي ويوآھي تھ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس سامھون خودڪشي ڪري ڇڏيان.اھا صرف لياري جي نھ پر پوري سنڌ جي ڪھاڻي آھي ۽ نبيل گبول وانگر سنڌ جو ھر اسيمبلي مميبر مجبور آھي.نبيل گبول وري بھ سچ ڳالھايو ٻين تھ مصلحتن جي ڪري خاموشي اختيار ڪئي آهي.ھن وقت ڪراچي جو عوام سخت گرمي ۽ لوڊشيڊنگ کي منھن ڏئي رھيوآھي
ڪراچي ۾ ڊگهي لوڊ شيڊنگ جو نيپرا نوٽيس ورتو
اسلام آباد(م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ وارين شڪايتن تي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي خط لکي چيو آهي ته نيپرا کي ڪراچي ۾ ڊگهي لوڊ شيڊنگ بابت وڏي انگ ۾ شڪايتون مليون آهن، ڪيترن علائقن ۾ ته بجلي جي بندش 12 ڪلاڪن کان به وڌي وئي آهي، جڏهن ته لوڊ شيڊنگ جون انفرادي شڪايتون اڍائي کان 3 ڪلاڪن جي بندش جون به رپورٽ ٿيون ٿيون، نيپرا موجب، سخت گرمي جي لهر ۾ ڊگھي لوڊ شيڊنگ شهرين لاءِ مشڪل بڻجي وئي آهي ۽ لوڊ شيڊنگ ڪاروباري سرگرمين ۽ معيشت تي به ناڪاري اثر وجهي رهي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ تي ڪاوڙ
ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪي اليڪٽرڪ متعلق درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪي اليڪٽرڪ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته درخواستگذار جو مسئلو ڪجهه ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو، عدالت چيو ته جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪريو، پر غير اعلانيه لوڊشيڊنگ تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرايو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سعيد آباد ۽ ورڪس سوسائٽي ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اهي وقت تي بل ادا ڪندا آهن، علائقي ۾ ڪو به لائن لاس نه آهي، پر بجلي بند آهي، علائقي ۾ ڪو به ڊيفالٽر ناهي،