ڏوهاري بي لغام، گهوٽڪي مان وڌيڪ هڪ نوجوان اغوا، مغوين جو انگ 8 ٿي ويو

سکر (رپورٽ :آزاد مھر) گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڏوهاري بي لغام ٿي ويا آهن شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي روڊ رستن مان سرعام اغوا ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي گهوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي تعلقي مان مهر برادري جو وڌيڪ هڪ نوجوان  محمد الياس عرف مٽل مهر اغوا ٿي ويو سندس وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي جنهن بعد گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن مان اغوا ٿيلن جو انگ 8 ٿي ويو آهي ان کان اڳ ڏوهاري ميرپورماٿيلو مان نوجوان وقاص ملڪ ۽ ڳوٺ هاسيجا مهر واسي ٻن ڄڻن صدام مهر ۽ جاويد مھر کي پڻ اغوا ڪري ويا جنهن بعد ڏوهاري گهوٽڪي ويجهو قادر پور مان ٻن ڀائرن محمد قاسم ڀٽو ۽ مراد ڀٽو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ان کان ڌاڙيل سکر ضلعي جي گدپور ٿاڻي جي حد مان گهوٽڪي واسي ٻن ڄڻن الياس منگي ۽ عبدالله سومرو کي اغوا ڪري ويا اهڙي ريت گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ 8 ٿي ويو آهي سکر ۽ گھوٽڪي پوليس ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻجي وئي آهي مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي مغوين جا وارث پنهنجي ماڻهن جي بازيابي لاء سراپا احتجاج بڻيل آهن پر پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن سبب سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڌاڙيل راڄ قائم ٿي ويو آهي ڄاڻايل ضلعن ۾ اچانڪ وڌندڙ اغوا وارداتن جو اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن ڪري مغوين جي وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي

  • ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن هلندڙ

سکر: گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس جو آپريشن هلندڙ، ڏوهارين پوليس کي چئلينج ڪندي اغوا جون وارداتون شروع ڪري ڇڏيون ذريعن موجب گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس جو ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ آهي ذريعن موجب ڏوهارين پڻ ضد ۾ اچي پوليس کي چئلينج ڪندي گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن مان اغوا جون وارداتون شروع ڪري ڇڏيون آهن

  • ڀٽا برادري پاران اڄ قومي شاهراهه تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان

سکر: قادر پور مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن محمد قاسم ۽ مراد ڀٽو جي وارثن پاران مغوين جي بازيابي لاءِ اڄ قومي شاهراهه تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مهر برادري جي 3 ڄڻن جي اغوا واقعي واقعي خلاف مهر برادري جي سوشل ورڪرن اڳواڻن پاران پڻ مهر برادري جو ڪٺ گهرائي مغوين جي بازيابي لاءِ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.