حيدرآباد/ ڄامشورو (نمائندا) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس پرنس ٽائون جي لا آفيس ۾ ملاقات ڪري، سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شامل ٿيندڙن ۾ واحد خان ڏھر ، محمد علي ٿيٻو ، معشوق مگسي ، نزاڪت جروار ، آٿرم آريسر، واشو ديو، نورالله ابڙو، شڪيل شر، سمير پنھور، امتياز شر، سرواڻ ميمڻ، ڪاشف جروار ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي شاگردن سان اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ اسان جي آھي ملڪ اسان جو آھي اسان ٺاھيو، پيپلزپارٽي سنڌ کي شامي غريب بڻائي ڇڏيو آهي، حڪمران ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن، پر ست ڪروڙ سنڌي ھنن جي خطرناڪ سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندا، اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي، ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌارين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.