هر سال جيان هن سال به وفاقي بجيٽ جي آمد سان ملڪ جي رستن، بازارن، چورن، چوراهن، تعليمي ادارن، اسپتالن، ۽ پارليامينٽ جي رڪنن جي ذهنن ۾ هڪ ئي سوال واسو ڪري ٿو ته ڇا هي بجيٽ واقعي به عوام لاءِ هوندي؟ حڪومتي بيانن ۾ ڳالهيون ته ڏاڍيون سٺيون ٿين ٿيون، پر ماضي جي روايتن موجب انهن ڳالهين جي حقيقت ان وقت ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن ٻه ويلن جي ماني کائڻ وارو غريب، اسپتال جي در تي بيٺو مريض، اسڪول ڏانهن ڏسندڙ نينگر ۽ روزگار جي ڳولا ۾ مارا مار ٿيندڙ نوجوان هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسيءَ سان ساهه ڀرين ٿا. ملڪ جي معاشي منظرنامي کي جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته اهو نه رڳو بي يقينيءَ جو شڪار آهي پر مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناقص حڪمرانيءَ سبب عوام جي زندگي بدترين صورتحال ۾ مبتلا آهي. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي بجيٽ محض انگن اکرن جي بازيگري نه هجڻ گهرجي، بلڪه اها بجيٽ هڪ اميد، هڪ رستو ۽ هڪ انقلاب هجڻ گهرجي. اها بجيٽ اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا انهن ماڻهن لاءِ هجي، جيڪي هر مهيني جي پهرين تاريخ تي بجلي جو بل هٿ ۾ وٺي ويهندا آهن ته ان کي ادا ڪري ماني ڪيئن خريد ڪئي ويندي.
تعليم هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جا دروازا تعليم سان کلن ٿا، پر اسان وٽ تعليم لاءِ هميشه ايترا فنڊ رکيا ويندا آهن، جيترا ڪنهن مهانگي هوٽل جي سالاني خرچن لاءِ رکيا وڃن. ان ڪري وفاقي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ روايتي انداز کان هٽي ڪري هڪ تعليمي بجيٽ پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڻ پڙهيل نوجوان مستقبل جا ڏهاڪا نه بلڪه خطرا آهن، ۽ ان خطري کي تعليم ذريعي ئي امن، ترقي، ۽ خوشحاليءَ ۾ بدلائي سگهجي ٿو.اهڙيءَ طرح صحت جو شعبو به ڪنهن قوم جي حياتيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسپتالن ۾ دوائون ناپيد، ڊاڪٽر غير حاضر، ۽ سهولتون محدود، هي صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. جڏهن ته هڪ صحت مند قوم ئي صحتمند معيشيت جو بنياد رکي سگهي ٿي. وفاقي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ خاص اهتمام ضروري آهي. دوائن جي اگهن ۾ واڌ نه، پر واڌ جو رستو روڪڻ، ان جي اگهن ۾ نمايان لاٿ آڻڻ عوام لاءِ هڪ وڏو رليف هوندو. انهن دوائن ۾جيڪي روزاني جي بيمارين، هاءِ بلڊ پريشر، شوگر، دل جي بيماري، ۽ ٻارن جي بيمارين لاءِ ضروري آهن، حڪومت کي لازمي طور تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي.ان کان علاوه، ترقياتي ڪم به حڪومت جي بجيٽ پلاٽ ۾ نمايان هئڻ گهرجي. پر بدقسمتيءَ سان ترقياتي رٿائن جو وڏو حصو يا ته ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو آهي يا وري سياسي بنيادن تي هڪ علائقو نوازڻ ۽ ٻيو نظرانداز ڪرڻ جي پاليسيءَ جو شڪار ٿيندو آهي. وفاقي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي صرف روڊن، پلن، ۽ بلڊنگن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، بلڪه ان ترقيءَ کي انسان جي زندگيءَ سان سلهاڙڻ جي ضرورت آهي. پاڻي، صفائي، نيڪال، زرعي سڌارا، واپار لاءِ سهولتون، ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن معاملن لاءِ خاص فنڊ مختص ٿيڻ گهرجن.
هڪ اهڙو معاملو جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي آهي، اهو آهي مهانگائي. روز مره جي استعمال ۾ ايندڙ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ جيڪا بي قابو واڌ ٿي آهي، تنهن عام ماڻهو جي چولا ڦاڙي ڇڏيا آهن. اٽو، کنڊ، چانهه، کير، گوشت، سبزيون ۽ ٻيون ضروري شيون هاڻ هڪ غريب لاءِ خواب بڻجي ويون آهن. وفاقي بجيٽ ۾ اهڙا قدم کنيا وڃن، جيڪي صرف انگن اکرن تائين محدود نه هجن، بلڪه عملي طور تي انهن شين جي اگهن ۾ لاٿ کي يقيني بڻائين. سبسڊي، ٽيڪسن ۾ گهٽتائي، مارڪيٽ جي نگراني، ۽ ذخيره اندوزيءَ خلاف سخت قانون سازي، مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بنيادي اوزار ثابت ٿي سگهن ٿا.هتي اهو به ذڪر ضروري آهي ته بجيٽ صرف مالي دستاويز نه پر سياسي، سماجي ۽ اخلاقي ذميواري جو اظهار هوندي آهي. جيڪڏهن حڪمران طبقا واقعي به ان ڳالهه جا خواهشمند آهن ته ملڪ ترقي ڪري، ته پوءِ انهن کي بجيٽ ۾ اهو جذبو ظاهر ڪرڻو پوندو. بجيٽ جو حقيقي ڪامياب تجربو ان وقت ٿيندو جڏهن اهو مفاد پرست سرمائيدار جي بجاءِ غريب جي ڪم اچي. جڏهن اهو واپاري جي حساب ڪتاب بجاءِ هڪ اسڪول جي ڪمري، هڪ اسپتال جي بيڊ، بيواهن جي راشن، ۽ نوجوانن جي روزگار کي ترجيح ڏئي.