ڪراچي(م ڊ ) مورو واقعي جي شهيد عرفان لغاري جي قبر ڪشائي ڪري سندس مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪالهه سيشن جج جي حڪم تي سول جج مورو جي نگراني ۾ ڪالهه شام جو موري ڀرسان ڳوٺ ماڙي ٻگهيو ۾ شهيد عرفان لغاري جي قبرڪشائي ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير احمد بروهي سميت شهيد عرفان لغاري جو ڀاءُ به موجود هو، قبرڪشائي بعد عرفان جو مڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ لغاري بجاراڻي کڻائي ويا، جتي جنازي نماز بعد دفنايو ويندو، ياد رهي ته ڪالهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت عرفان لغاري جي ڀاءُ قربان لغاري جي درخواست تي قبرڪشائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سندس وارثن کي قانوني گهرجن تحت ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ ايس ايس پي کي حڪم ڏنو ته رپورٽ مڪمل ڪري عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت حڪم ڏنو هو ته قبرڪشائي واري عمل ۾ وڪيل نور محمد تنيو کي به شامل ڪيو وڃي، هوڏانهن شهيد عرفان لغاري جي ڀاءُ قربان لغاري چيو ته اسين عرفان لغاري جي لاش جي پوسٽ مارٽم مان مطمئن آهيون، وڌيڪ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ٿا چاهيون، اسان عدالت کي رڳو لاش وارثن حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي، مشاورت سان طئي ڪيو ويو ته لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويندو، جڏهن ته وڪيل نور محمد تنيو چيو ته پوليس قانون کان مٿانهان قدم کڻي رهي آهي، مورو ۾ به قانون کان مٿانهون قدم کنيو ويو ۽ پاڻ ئي هن واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، ٻي پاسي سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايل او پاران عرفان لغاري جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سندس منهن ۽ پيرن تي تشدد جي تصديق ٿي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عرفان لغاري کي ڳلي ۾ گولي لڳڻ سبب وات جون ڄاڙي سڙيل هيون، پيرن تي تشدد جا نشان، نڪ ۽ منهن تي ساڄي پاسي ڌڪ جا نشان آهن، عرفان آءِ سي يو ۾ داخل هو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، هوڏانهن مورو واقعي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي باضابطا ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻو ايس ايس پي سنگهار ملڪ ۽ ٻيا پوليس آفيسر جاچ لاءِ خميس تي طلب ڪيا ويا آهن، ڪميٽي سندن بيان رڪارڊ ڪندي،