شهيد عرفان لغاري جي مختلف شهرن ۾ غائبانه جنازي نماز

ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندا) مورو واقعي جي شهيد عرفان لغاري جي مختلف شهرن ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي، سڪرنڊ  ۾ جساف اڳواڻن پاران مورو واقعي ۾ شهيد ٿيل شهيد عرفان لغاري جي غائبانه جنازي نماز شهر جي قاضي سرفراز چوڪ تي ادا ڪئي وئي، غائبانه جنازي ۾ ايوب شهزاد چانڊيو، پيار علي جلالاڻي، علي سنڌي، شيراز شاهه، آزاد سنڌو سميت ٻين شرڪت ڪئي، گهوٽڪي ۾ وڪيلن پاران شهيد عرفان لغاري جي غائبانه جنازي نماز ڊسٽرڪٽ بار ٻاهران پڙهي وئي، جنهن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالرزاق مهر، شاهنواز وسير، غلام نبي وسير، واحد بخش ڀٽو، رائو آصف راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي، دادو ۾ شاگرد تنظيمن پاران غائبانه جنازي نماز پبلڪ پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي، بعد ۾ پبلڪ پارڪ کان پريس ڪلب دادو تائين احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جنھن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شھيد عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏئي ڏني وڃي ۽ ايف آءِ آر ڪٽي وڃي، ڳوٺ بجراڻي لغاري مان پوليس جو ڪڙو ختم ڪري امن کي بحال ڪيو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينال مخالف تحريڪ جي ڌرڻن ۽ احتجاجن مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن ۽ شھرين کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.