عدالتي حڪم تي شهيد عرفان لغاري جي قبر ڪشائي، مڙهه وارثن حوالي

مورو (ويب ڊيسڪ) شهيد عرفان لغاري جي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪئي وئي ۽ مڙهه وارثن کي حوالي ڪيو ويو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهرو فيروز جي حڪم تي عرفان لغاري جي قبر ڪشائي ڪئي وئي.
عدالت جي حڪم موجب، شهيد عرفان لغاري جو لاش قبر مان ڪڍي وارثن کي ڏنو ويو، جيڪي پوءِ مڙهه کڻي ڳوٺ بجاراڻي لغاري روانا ٿي ويا.
واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهرو فيروز عرفان لغاري جي لاش وارثن کي حوالي ڪرڻ ۽ اڄ شام تائين سندس قبر ڪشائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.