” سڀاڻي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سڀاڻي يومِ تڪبير جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.
عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جي سڀني اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون شروع ٿي ويون آهن.
هن ٻڌايو ته جن اسڪولن ۾ يومِ تڪبير جي تقريب ٿيندي، رُڳي اُهي اسڪول ٻن ڪلاڪن لاءِ کليل رهندا.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت گذريل سال 28 مئي کي عام موڪلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو، جنهن موجب يومِ تڪبير تي سڄي ملڪ عام موڪل هوندي.
پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کي 27 سال مڪمل ٿي ويا آهن ۽ سڀاڻي يومِ تڪبير جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو.
پاڪستان 28 مئي 1998ع تي چاغي ۾ ڪامياب ايٽمي ڌماڪن ذريعي ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جو جواب ڏنو.
ان ڏينهن پاڪستان مسلم دنيا جي پهريون ۽ دنيا جي ستين جوهري طاقت جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.