اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيل 18 سالن کان گهٽ عمر واري شادي تي پابندي وارو بل رد ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اهم مسئلن تي اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو هو.
چيئرمين ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ننڍي عمر جي شاديءَ جي اهم سماجي معاملي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي وارو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو.
Prev Post
You might also like