هڪ چيني ڪمپني دنيا جي پهرين هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) ڪلينڪ سعودي عرب ۾ کلي آهي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي مريضن جي بيمارين جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي.
شنگھائي جي ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ڪمپني ”سينيائي اي آءِ“ طرفان ڄاڻايل ٽرائل پروگرام سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي الاحسا ۾ اپريل 2025ع ۾ مڪاني الموسيٰ هيلٿ گروپ جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي.
هن پائيلٽ پروگرام ۾ هڪ اي آءِ ڊاڪٽر بيمارين جي نشاندهي ڪري دوائون تجويز ڪري ٿو.
هي اي آءِ ڊاڪٽر مڪمل طور تي هڪ انساني ڊاڪٽر وانگر ڪم ڪري ٿو.
جڏهن مريض ڪلينڪ ۾ اچن ٿا ته هڪ ٽيبليٽ ڪمپيوٽر ذريعي پنهنجون علامتون اي آءِ ڊاڪٽر کي ٻڌائن ٿا.
هن اي آءِ ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر هيوا رکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر هيوا تمام گهڻا سوال ڪري ٿو، انساني مدد سان ورتل تصويرون ۽ ڊيٽا جو تجزيو ڪري بيمارين جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پوءِ علاج تجويز ڪري ٿو.
ان کانپوءِ هڪ اصل انساني ڊاڪٽر اي آءِ پاران ڏنل علاج جي منظوري ڏئي ٿو، جڏهن ته انساني ڊاڪٽر ايمرجنسي ڪيس سنڀاليندا آهن جيڪي اي آءِ لاءِ ممڪن ناهن.
چيني ڪمپني جو دعويٰ آهي ته آزمائشي مرحلي دوران هن ٽيڪنالاجي 0.3 سيڪڙو کان گهٽ غلطيون ڪئي آهن.
ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽيو زينگ شائو ڊيان چيو آهي ته ماضيءَ ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽرن جي مدد ڪندي هئي، پر هاڻي اسان مريضن جي علاج ۽ نشاندهي ۾ اي آءِ جي حتمي قدم تي پهتا آهيون.
في الحال ڪجهه درجن مريضن هن مفت سهولت مان فائدو ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو منصوبو هاڻي آزمائشي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته ڪلينڪ ۾ هر وقت هڪ انساني ڊاڪٽر موجود هوندو آهي.
هي اي آءِ ڊاڪٽر هاڻي تنفس جي نظام جي 30 بيمارين جهڙوڪ دم تائين محدود آهي، پر تمام جلد ان کي ٻين عضون جي بيمارين تائين وڌايو ويندو.
ڪمپني سعودي عرب جي ٻين اسپتالن سان گڏجي ايندڙ مهينن ۾ اهڙا وڌيڪ طبي ادارا کولڻ تي به ڪم ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته ماهرن طرفان ان کي طبي شعبي ۾ انساني ڊاڪٽرن جي جاءِ وٺڻ لاءِ پهريون قدم سمجهيو پيو وڃي.
مريضن جو معائنو ڪري مرض جي نشاندهي ڪندڙ اي آءِ ڊاڪٽر ڪهڙي مسلم ملڪ ۾ ڪم پيو ڪري؟
You might also like