نيپرا ڪراچي لاءِ وڏي سولر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي لاءِ وڏي سولر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي توانائي واري کاتي موجب، نيپرا ڪراچي لاءِ 270 ميگاواٽ جي ٻن سولر منصوبن جي منظوري ڏني آهي.
ترجمان موجب، 120 ميگاواٽ جو سولر منصوبو هلڪاڻي ديهه ۽ 150 ميگاواٽ جو سولر منصوبو مٺو در ديهه ۾ لڳايو ويندو.
توانائي واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته 270 ميگاواٽ جي سولر منصوبي سان ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ظابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.