ڪراچي/ حيدرآباد(نمائندا) موري ۾ شهيد ٿيل نوجوان عرفان لغاري جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا، ڊگھڙي ويجهو امن آباد ۾ شهيد عرفان لغاري جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ سجاد جروار، سرويچ جروار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پ پ سرڪار ضياء جهڙي آمريت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڪنري ۾ امتياز چانڊيو، غلام نبي خاصخيلي، عابد علي، محمد عظيم ۽ ٻين رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ شھيد عرفان لغاري جي جنازي نماز پڙھي، جڏھن ته غائبانا جنازي نماز پڙھائيندڙ مولوي روشن جمالي پاران شھيد عرفان جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا گهري، جوهي ۾ ايس يو پي جي ڏنل احتجاجي سڏ تي غلام قادر لغاري، غلام نبي باهوٽو، حيدر سيال، ھارون پنهور، سانوڻ ٻٻر، ظفر علي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد عرفان ۽ زاهد لغاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽئڪسي اسٽاپ جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، عمرڪوٽ ۾ ڪامريڊ امجد ڪوري، نريش ڪمار، ميهار بنگلاڻي، باغي شاهد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڏھرڪي ۾ جسقم شهيد بشير خان طرفان شهيد عرفان لغاري جي غائبانا جنازي نماز سائين جي ايم سيد چوڪ تي ادا ڪئي وئي. جنازه نماز ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جسم مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر، جسقم اڳواڻن امتياز ڀٽو، مير حسن لاشاري، حيدر خان شر، ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر، اڪرم ميتلو، راشد ڪاڃون، قومي عوامي تحريڪ جي تراب شر، محبت سميجو، ظهور دايو، جاويد ديشي، ياسر ديشي، سجاد ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گرفتار ٿيل سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪري شھيد عرفان لغاري جو لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ وارثن جي مرضي موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.