حيدرآباد(رپورٽر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جسقم شهيد بشير خان جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس گمراھ ڪندڙ آهي. ڪئنالن خلاف هلندڙ سنڌ جي پرامن سياسي احتجاجي تحريڪ کي روڪڻ لاءِ پ پ حڪومت پاران هي سڄو سازشي ڄار وڇايو ويو. هٿين خالي پرامن احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ ڪري بيگناھ انسانن کي شهيد ڪيو ويو ۽ هٿ سان لنجار هائوس کي باھ ڏئي تشدد جو جواز پيدا ڪيو ويو. اسان گهر ڪندا رهياسين ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، پر جاچ ڪرائڻ جي ابتڙ سنڌ حڪومت هڪ شهيد جو لاش قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. بعد ۾ انساني، مذهبي ۽ اسلامي قدرن کي پائمال ڪندي لاش وارثن حوالي ڪرڻ بجاءِ لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو. سينيئر وزير جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ هنن چيو ته پ پ حڪومت سندس اقتدار کي ڊيگهھ ڏيارڻ لاءِ سازش تحت هي پرتشدد ماحول ٺاهيو آهي ته جيئن روڊن تي آئندي ڌرڻا نه لڳي سگهن. پنجاب جي معيشت ۽ دنيا سان ڪاروبار سنڌ جي سامونڊي بندرن ۽ روڊ سان ڳنڍيل آهي، ان ڪري پنجاب کي محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ روڊ رستا گهربل آهن. پر پنجاب سنڌوءَ جي پاڻي جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته روڊن رستن تي پرامن ڌرڻا جاري رهندا. سنڌ جي ماڻهن هاڻي رستن تي جدوجهد جو گر ڄاڻي ورتو آهي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد سدائين بااصول سياست ڪئي، ان جا پوئلڳ ڪنهن به پراڪسي جو حصو ناهن. پر پ پ مختلف دؤرن ۾ پراڪسي جو حصو ٿيندي رهي آهي ۽ خود مختلف پراڪسي گروپن جي سرپرستي ڪندي رهي آهي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ پنهنجن واٺن ذريعي ان ۾ تشدد جو عنصر شامل ڪري درياھ ۽ زمينون پنجاب، ڪمپني سرڪار ۽ ٻين بالادست قوتن حوالي ڪرڻ گهري ٿي. سنڌ حڪومت هڪ پاسي غلط پروپيگنڊا وسيلي معاملي کي لئي مٽي ڪري شهيدن جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي ۽ ٻئي پاسي سنڌ جون زمينون ۽ درياھ پنجاب جي قبضي ۾ ڏيڻ لاءِ قومي جدوجهد کي تشدد ذريعي روڪڻ گهري ٿي. پر اسان واضع ٿا ڪريون ته درياھ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ پنهنجي پرامن سياسي احتجاجي جدوجهد جاري رکندا سين. رهبر ڪميٽي مطالبو ٿي ڪري ته شهيدن جي وارثن جي مرضي موجب گهرو وزير، پوليس اهلڪارن ۽ فائرنگ ڪندڙ خانگي واٺن ۽ گارڊن خلاف شهيد زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاري جي قتلن جي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي، گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.