ڪراچي(عوامي آواز نيوز)هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي سيڪريٽري جنرل ڪي بي لغاري چيو آهي ته ڀٽو صاحب جي ميت کي ائين نه رلايو ويو جيئن شهيد عرفان لغاري جو مڙهه رلايو ويو،عرفان جي قبر جي اڃا تائين خبر نه پئي آهي،وارثن سان وڏو ظلم ڪيو ويو، شهيد جي ٻن سالن جي نياڻي آخري وقت تي پنهنجي پيءُ جي چهري تي هٿ نه رکي سگهي،هن چيو ته شهيد جا وارث سڏرائيندڙن عرفان جو لاش گم ڪيو،امڙ پٽ جو منهن نه ڏٺو،انهن کي شهادتن جو ٽڪي جو به احساس ناهي،هن چيو ته زمين تي ڪوڏرون کڻي پورهيو ڪندڙ ۽ شاعري ڪندڙ مان حڪمرانن کي ايترو خوف ڇا جو هو؟ اسان لاهور ۾ به شهيدن جو ڪيس وڙهيو آهي،هن چيو ته سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ گهرايو ويو آهي،اجلاس ۾ زمينن ۽ ٻين معاملن تي لانگ مارچ يا ڌرڻي جو فيصلو ڪيو ويندو،موري ۾ شهيد ڪيل زاهد ۽ عرفان لغاري جو ڪيس وڙهنداسين،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن لاءِ حڪمرانن سنڌ جو پاڻي نيلام ڪري ڇڏيو آهي،پنجاب جي دوري کان واپس آيا آهيون،اوٻاوڙي کانپوءِ سنڌ ۾ روڊ ئي سٺا ناهن،حڪمران اربين کربين رپيا کائي ويا،انهن کان اٺ ڏهه ارب رپين ۾ روڊ نٿا ٺهن، هن چيو ته وڪيلن خلاف ڳالهائيندڙ سردار شاهه جو پنهنجو ڪردار ڇا آهي؟ عمرڪوٽ ۾ 26 مارڪون کڻندڙ ماڻهن کي پئسا وٺي ماستر ڀرتي ڪيو ويو،وڪيل اڳواڻ اشرف سمون چيو ته سردار شاهه کي اندازو ئي ناهي ته سنڌ ۾ ڪيتري وڏي تحريڪ هلندي،