ڪڙيوگهنور ۾ ڌرڻو هڻندڙ 14 ڪارڪنن تي ڪيس داخل

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڪڙيوگهنور ۾ موري جي شھيد عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي شھادت واقعي تي هڙتال ڪري  ڌرڻو هڻندڙ 14  قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪڙيوگهنور  ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾  اي ايس آءِ پير بخش لغاري جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ آصف نظاماڻي، حيدر راهمون، عباس نظاماڻي، اختر نوتڪاڻي، ظهير خاصخيلي، شڪيل نظاماڻي، اصغر نظاماڻي، بابر خاصخيلي، عنايت نظاماڻي، درياهه خان راهمون، عرفان خاصخيلي، امان الله نظاماڻي، پير فراز شاھ ۽ شڪيل نظاماڻي کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪارڪن زبردستي روڊ بند ڪري ملڪ خلاف اڻ ُسُهائيندڙ ٻولي استعمال ڪري ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.