28مئي عام موڪل سبب انٽرميڊئيٽ جا پيپر ملتوي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران 28 مئي يومِ تڪبير جي موقعي تي ڪراچي جي اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ان ڏينهن ٿيندڙ انٽرميڊيئيٽ جا امتحان ملتوي ڪري  ڇڏيا آهن، ڪراچي بورڊ جي ترجمان موجب، ملتوي ٿيل پرچا هاڻي 30 مئي جمعي ڏينهن ورتا ويندا۔ سائنس پري ميڊيڪل ۽ سائنس جنرل گروپن جا متاثر ٿيل پرچا ساڳي وقت تي نئين تاريخ تي ورتا ويندا،بوٽني جو پرچو اوّل جيڪو 28 مئي تي صبح 9 وڳي کان 11 وڳي تائين ٿيڻ هيو، هاڻي 30 مئي تي ورتو ويندو،انگريزي نارمل جو پرچو اوّل ۽ انگريزي ايڊوانسڊ جو پرچو اوّل (فيل شاگردن لاءِ) جيڪي 28 مئي تي منجهند 2 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ٿيڻا هئا، اهي هاڻي 30 مئي تي منجهند 3 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ورتا ويندا،امتحاني مرڪز اڳ وانگر ساڳيا ئي رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.