ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت اسان جي پرامن احتجاج جو رستو روڪي بدترين ڪرپشن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ لا قانونيت ۽ بيروزگاري خلاف احتجاج ڪندڙ پرامن سياسي ڪارڪنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال افسوسناڪ آهي، اسان اهڙن حربن گهٻرائڻ وارا ناهيون ۽ ڪرپٽ ۽ نااهل صوبائي حڪومت خلاف تحريڪ جاري رکنداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هٿين خالي سياسي ڪارڪنن تي تشدد ڪري بزدلي جو ثبوت ڏنو آهي، خيبرپختونخوا ۾ ” صوبو بچايو تحريڪ“اڄ صوبي جي هر شهري جي آواز بڻجي چڪي آهي، اسان لٺين ۽ ڏنڊن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ڪارڪن خيبرپختونخوا جي ڪرپٽ حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو اصل فاشسٽ چهرو اڄ خيبرپختونخوا جي عوام ڏٺو آهي.
ڪي پي ۾ ڪارڪنن تي تشدد افسوسناڪ آهي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو فاشست چهرو اڄ سڀني ڏٺو: بلاول
You might also like