سڄي عمر جيل ۾ رهندس پر غلامي قبول نه ڪندس، پارٽي وڏي تحريڪ جي تياري ڪري: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته جيڏو به ٽارچر ڪيو غلامي قبول نه ڪندس، ڀلي سڄي عمر جيل ۾ رکو نه جهڪندس، پارٽي وڏي تحريڪ جي تياري ڪري.
عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا کي ٻڌايو ته عمران خان کي قيد دوران بنيادي حق نه پيا ڏنا وڃن، 8 مهينا ۾ رڳو هڪ ڀيرو ٻارن سان رابطو ڪرايو ويو ۽ ڀينرن سان به ملاقات نٿي ڪرائي وڃي.
عليمه چيو ته عمران خان کي ڪتاب نه پيا ڏنا وڃن ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرائڻ کان به روڪيو وڃي ٿو، عمران خان چيو آهي ته جيڪو ظلم ڪرڻو آهي ڪن هو غلامي نه قبوليندو.
هن چيوته عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پارٽي وڏي تحريڪ جي تياري ڪري، ماڻهن کي اسلام آباد مارچ جو سڏ نه ڏيندس، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.