لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليجنڊري وسيم اڪرم چيو آهي ته سڀ چاهين ٿا ته پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ٻيهر شروع ٿئي، پر ان بابت فيصلو ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي ڪرڻو پوندو.
لاهور ۾ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته رانديگرن کي بهتر ڪارڪردگي لاءِ ذهني ۽ جسمي طور مضبوط هجڻ گهرجي، اسان کي ترت نتيجن جي عادت آهي، جيڪا درست ناهي.
هن چيو ته پي ايس ايل 10 ۾ نوجوان رانديگر حسن نواز، علي رضا ۽ سلمان مرزا نمايان رهيا، نئين ڪوچ کي وقت ڏيڻ گهرجي جڏهن ته پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ زوال جو شڪار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بابر، رضوان ۽ شاهين کي آرام ڏنو وڃي ته به ڪو مسئلو ناهي، نون رانديگرن جي ذهني تربيت ضروري آهي.