دوحا(ويب ڊيسڪ) قطر ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ آمريڪي خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪوف غزا جنگ بندی معاهدي جي دستاويز تي متفق ٿي ويا آهن.
عربي ميڊيا موجب، تجويز ڪيل معاهدي ۾ 10 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جي بدلي 60 ڏينهن جي جنگ بندي شامل آهي، معاهدي تحت فلسطيني قيدين ٻن مرحلن ۾ آزاد ڪيو ويندو.
معاهدي موجب، 5 يرغمالي جنگ بندي جي پهرين ڏينهن ۽ باقي 5 يرغمالي جنگ بندي جي 60 هين ڏينهن ۾ آزاد ڪيا ويندا، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ بندي معاهدي ۽ غزا مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جي ضمانت ڏيندو.
معاهدي ۾ جنگ بندي جي پهرين ڏينهن کان غير مشروط انساني امداد جي فراهمي پڻ شامل آهي.
عربي ميڊيا موجب،آمريڪي نمائندي اسٽيو وِٽڪوف طرفان معاهدي جو مسودو منظوري لاءِ اسرائيل ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل نئين جنگ بندي جي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي اختيارين جو موقف آهي ته ڪا به ذميوار حڪومت اهڙيون تجويزون قبول نٿي ڪري سگهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي ۾ دلچسپي نٿي رکي.
ياد رهي ته اسرائيل 18 مارچ تي غزا ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻيهر بمباري شروع ڪئي هئي.
غزا ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هيل تائين 54 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
You might also like