تهران (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران سهڪار ۽ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ايران جا مڃيندي ان جي جوهري پروگرام جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو .
شهباز شريف تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ايراني جوهري پروگرام جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته هو ايران کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو ۽ هتي اچڻ تي دل سان خوشي محسوس ٿي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي، ثقافتي ۽ گهرا لاڳاپا آهن ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌايو وڃي.
شهباز شريف چيو ته ايران جي صدر سان تعميري ۽ ڪارائتون ڳالهيون ٿيون، ايراني صدر ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ايراني سفير جي مسلسل رابطي رهيو جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان .
وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن تڪراردوران برداشت ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پوءِ هٿياربند فوجن قوم جي حمايت سان پورو جواب ڏنو.
هن واضح ڪيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جو حامي آهي، خاص ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ لوڪ سڀا جي قرارداد موجب والاريل ڪشمير جو حل چاهيون ٿا.
شهباز شريف چيو ته اسان امن، پاڻي جي مسئلي، واپار ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار وارن معاملن تي ڀارت سان سنجيدا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيون ٿا، پر جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اسان پنهنجي ملڪ جي مڪمل حفاظت ڪنداسين.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان غزا جي ماڻهن سان ايڪي جو اظهار ڪري ٿو، جتي 54 هزار فلسطيني اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ شهيد ٿي چڪا آهن.
هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته غزا واري معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جنگ بندي ڪرائي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايراني ڀائرن سان گڏ آهي ۽ اسان ايران جي مڪمل حمايت جو عزم ورجايون ٿا، ايران جي پرامن جوهري پروگرام جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.
ٻئي پاسي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گهرا آهن ۽ اسان ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪيون ٿا،چاهيون ٿا ته ٻئي ملڪ اختلاف ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪن.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي خطي جي امن لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي، ايران جي صدر فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ايران ۽ پاڪستان او آءِ سي جا رڪن آهن، جيڪي گڏجي غزا جي ظلمن جي مذمت ڪن ٿا.
You might also like