مورو واقعو پاڪستان خلاف سازش هو، مارجي ويلن کي احتجاج ڪندڙن جون ئي گوليون لڳيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازشن جو سلسلو جاري آهي، ۽ مورو ۾ ٿيل واقعي ۾ مارجي ويل ٻن ماڻهن کي احتجاج ڪندڙن جون ئي گوليون لڳڻ جا ثبوت آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته 20 مئي تي پابندي مڙهيل تنظيم ”جيئي سنڌ متحده محاذ“ طرفان مورو باءِ پاس تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو، جنهن ۾ وڳوڙي هٿياربند ۽ بارودي مواد سان ليس هئا، پرتشدد واقعن دوران اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٻه احتجاج ڪندڙ زخمي ٿيا.
هن ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف حملن ۾ ملوث رهي آهي ۽ انهن جا هٿ مورو واري احتجاج ۾ به آهن، احتجاج دوران ڪجهه وڳوڙي عنصر به شامل هئا، جيڪي هٿياربند ۽ بارودي مواد سان ليس هئا.
هن الزام هنيو ته احتجاج جي آڙ ۾ وڳوڙين گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر ۽ گاڏين کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏني، جڏهن ته پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ پڻ ڪيو ويو.
صوبائي وزير چيو ته مورو ۾ مارجي ويل ٻن ماڻهن کي احتجاج ڪندڙن جون ئي گوليون لڳيون، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته پرامن احتجاج جو نالو وٺي پرتشدد ڪارروائيون ڪيون ويون.
شرجيل ميمڻ زور ڏنو ته حڪومت اهڙن شرپسند عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ۽ ڪنهن به تنظيم کي رياستي ادارن يا عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيندي.
هن وڌيڪ چيو ته شفيع برفت پرڏيهي ملڪ مان ويهي ڌرڻا هڻي رهيو آهي ۽ احتجاج ڪندڙ سنڌي يا سرائيڪي نه پر ٻي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا ۽ انهن جي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿيا، تنهنڪري لاش نه ڏيڻ وارو بيان ڪوڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.