جيستائين ساهه آهي هر فارميٽ کيڏندس: شاهين آفريدي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي فاتح لاھور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته هو ڪنهن به ڪرڪيٽ فارميٽ کان نه پري ٿيندو ۽ جيستائين ساهه آهي، سڀني فارميٽن ۾ کيڏندو رهندو.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته ڪاميابيءَ جو سفر آسان نه هو، ڪيترائي لاها چاڙها آيا، اسان جو پليئرز ڊيولپمينٽ پروگرام به ڪامياب رهيو، اتان سامهون آيل رانديگرن کي موقعا مليا جن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.
شاهين آفريدي وڌيڪ چيو ته ٽيم جا سڀئي رانديگر پراميد هئا ته هو بهتر نتيجا ڏيندا، ڇاڪاڻ ته ماحول ڪنهن به ٽيم لاءِ سڀ کان اهم هوندو آهي.
شاهين واضح ڪيو ته ڪاميابي لاءِ ضروري ناهي ته هميشه شاهين ئي ميدان تي هجي، پر ٽيم جي حمايت ۽ اتحاد ئي ڪاميابي جو راز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.