مرحوم شاعر ۽ ڪيترن ئي فلمن لاءِ گيت لکندڙ ڪيفي اعظمي گيت لکڻ جو هڪ عجيب طريقو بيان ڪيو، جيڪو وزيراعظم نريندر مودي جي پرڏيهي پاليسي ترتيب ڏيڻ واري طريقي سان هڪجهڙائي رکي ٿو.ڪيفي اعظمي ٻڌايو ته ٻين عظيم گيتڪارن وانگر،کيس به لاڳاپيل فلم جي موسيقار طرفان ترتيب ڏنل ڌن مطابق گاني جا ٻول لکڻا پوندا هئا. هو چوندو هو، "اهو بلڪل ائين آهي جيئن قبر لاءِ کڏ کوٽي وڃي ۽ پوءِ ان جي سائيز مطابق لاش جي ڳولا ڪجي.”
هندستان جي پرڏيهي پاليسي ساڄي ڌر جي نظرين جي مطابق ترتيب ڏني ويندي آهي. تجربيڪار سفارتڪارن کي مهارت ۽ لچڪ سان ملڪ جي مفادن لاءِ درست چونڊ ڪرڻ جي اختيار ڏيڻ بدران، هندستاني پرڏيهي پاليسي مودي حڪومت جي قومپرست ايجنڊا کي وڌيڪ فروغ ڏئي ٿي.مثال طور، قومي مفاد جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ويندو آھي تھ مودي جي پرڏيهي دورن دوران، ٻاهرين ملڪن ۾ رھندڙ هندوتوا نواز هندستانين جو ميڙ ڪيترو وڏو ھوندو آهي، يا جڏهن سفارتڪاري جو استعمال مودي جي امير ڪاروباري دوستن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آھي ۽ ٻين ملڪن کان انهن جي حمايت جو مطالبو ڪيو ويندو آھي. ته اهو هندستان جي اثر جو غير منصفاڻو استعمال آهي. نتيجي طور، هندستان پرڏيهي موقعي پرستن لاءِ هڪ منافعي بخش شيءِ بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان سان تازي ڇڪتاڻ ۾ اهو ئي ٿيو. اسرائيل، جيڪو بينجمن نيتن ياهو جي سرپرستي هيٺ هڪ فاشسٽ رياست بڻجي چڪو آهي، واحد ملڪ ھو جنھن تازي ڇڪتاڻ ۾ هندستان جي حمايت جو اعلان ڪيو يا مان اھو چوان ته، اسرائيل اھو واحد ملڪ هو جيڪو هندستان کي اتحادي سمجهي ۽ ان سان گڏ بيهڻ کي درست سمجهيو؟ هاڻي هندستاني حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جو هڪ وفد پرڏيهي دورن تي موڪليندي ته اھو ھندستان جو نقطھ نظر عالمي ملڪن سامھون رکي. ڇا صورتحال واقعي اُتي پهچي چڪي آهي؟ايستائين جو سيڪيولر هندستاني فوج کي به مبينا طور تي حڪومت جي نظرياتي ترجيحات مطابق استعمال ڪيو پيو وڃي. دفاعي تجزيه نگار پراوين ساهني ڪيترن سالن کان اهو چئي رهيو آهي ۽ مودي حڪومت پاران ڪشمير ۾ فوج کي دهشتگردن سان وڙهندڙ تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ تي سوال اٿياري رهيو آهي جنهن اعليٰ ٽيڪنالاجي ۽ وارفيئر صلاحيتن ۾ ھندستان ۽ چين وچ ۾ وڇوٽي کي وڌيڪ وڌايو آهي.
هڪ ڀيرو ٻيهر، هندوتوا جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ لاءِ سفارتي نتيجن تي ڌيان نھ ڏنو ويو آھي.بلڪل اھڙي طرح جھڙوڪ حڪومت بين الاقوامي ردعمل جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي سياسي انتظام کي تبديل ڪري ڇڏيو. ان قدم جو مقصد هندوتوا جي نظرياتي بنياد کي خوش ڪرڻ ھو، پر ان چين کي هڪ اهڙي تڪرار ۾ ڌڪي ڇڏيو جيڪو اڳ ۾ صرف هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفو تڪرار هو.اندرا گانڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، سياسي احتياط کان ڪم وٺندي، شملا معاهدي جي صورت ۾ ھڪ بنياد وڌو ھو ، جيڪو ڊھي پيو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪرڻ جو موقعومليو. حالتن ۾ اھڙي تبديلي آئي آھي جو مودي جي پرڏيهي پاليسي جا مقصد هاڻي کانئس اثرائتي نموني سان نڀائڻ جي قابل نه رهيا آهن.
ساڄي ڌر جي نظرياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾، مودي پاڻ کي ۽ هڪ اهڙي ملڪ کي شرمسار ڪيو جنهن 2020 جي صدارتي اليڪشن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلسل ٻئي دور جي ڪاميابي جي حمايت ڪئي هئي،بھرحال اھي چونڊون بائيڊن کٽي ويو ھو. هاڻي ٽرمپ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري هن جي مدد ڪري رهيو آهي. هو پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي کي آمريڪي دوستي جو برابر حقدار سمجهي ٿو. ٽرمپ جي اهڙي مدد هندستان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ توهين جي برابر آهي.
ٻئي طرف، پاڪستان تي مسلسل الزام لڳائڻ جي پنهنجي روش تي غور ڪرڻ بدران، ڀارتيه جنتا پارٽي بهار ۾ چونڊ ريلين ۾ مصروف آهي ۽ نريندر مودي کي فاتح قرار ڏئي رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن به ملڪ، ھاڻوڪي تڪرار ۾ هندستان جي فتح قرار نه ڏني آهي. بين الاقوامي حڪومتون 7 مئي جي هوائي جهڙپ ۾ پاڪستان پاران ڪيرايل هندستاني جهازن جي تعداد ڳڻڻ ۾ مصروف آهن. اهي هن هوائي جنگ جو ويجهي کان مشاهدو ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ پنهنجي جنگي حڪمت عملين جي رٿابندي ڪري سگهن. بدقسمتي سان، اهي گلوبل سائوٿ جا ئي ملڪ ھوندا آهن، تنهن ڪري اهي عظيم طاقتن جي ٽيسٽ جا نمونا بڻجي ويندا آهن. پوءِ هن صورتحال جو متبادل ڇا آهي ؟ جيئن ته نريندر موديڪنھن پراڻي بيل گاڏي جيان هندوتوا جي قدامت پسندي کي گھلي رھيو آھي،پر ڪڏھن نھ ڪڏھن سيڪيولر جمهوريت سان ان جو ٽڪراءُ ضرور ٿيندو. جنھن جي تجويز مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهرو ڏني ھئي ۽ جنهن لاءِ سڀاش بوس ۽ ڀڳت سنگهه پنهنجون جانيون قربان ڪيون هيون.هڪ گهڻ ثقافتي، سائنسي طور تي متحرڪ قوم، هندستان کي ڪنھن زماني ۾ دنيا جي لاءِ رشڪ جوڳو بڻائي ڇڏيو ھو.
انهن ۾ اڳوڻو برطانوي وزيراعظم ونسٽن چرچل به شامل ھو، جنهن جو خيال هو ته هڪ آزاد هندستان ڪنھن کان بھ فتح ٿيڻ جھڙو نھ هوندو. ان هندستان کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ هن وقت هندوتوا جي تحت بلڪل مخالف رخ ۾ سفر ڪري رھيو آهي.ڪيفي اعظمي جي گيتن جي ابتڙ، هندوتوا کي پنهنجي قدامت پسند نظرين جي هڪ اجتماعي قبر جي ضرورت آهي جنهن ۾ اهي سڀئي جمهوري ادارا سمائجي سگهن. پر، دنيا بدلجي چڪي آهي ۽ دنيا جا مختلف ملڪ،چاھياسرائيل ھجي يا آمريڪا اتي جي ساڄي ڌر جون حڪومتون،مزاحمت کي منهن ڏئي رهيون آهن. ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاھر ھاڻي هندوتوا کي قومي مفاد جو متبادل قرار نه ٿو ڏئي سگھجي.تھ پوءِ هندستان جي قومي مفاد لاءِ ڪهڙي پرڏيهي پاليسي مناسب هوندي؟
نريندر مودي کي ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ جي پار ملڪن سان دوستيون قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران، پنهنجي چوڌاري ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ملڪن سان ڊيڊ لاڪ جي شڪار لاڳاپن کي بحال ڪرڻو پوندو. هندستان کي پنهنجي خطي ۾ ملڪن جو احترام۽ انھن جي دوستي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن تي برتري جي نظرئي کي ترڪ ڪري دوستي جو هٿ وڌائڻو پوندو.چين پنهنجي پاڙيسري ملڪن ويٽنام ۽ جپان سان ايئن ڪري رهيو آهي.ھندستان کي پنهنجي ارادن ڏيکارڻ بدران سڀ کان پهرين پنھنجي گهر ۾ معاملا سڌارڻا پوندا ۽ جيڪڏهن هندستان جون فوجي ڪارروايون ڪنهن ٻئي طاقتور ملڪ جي مفادن جو پورائو ڪن ٿيون تھ شايد ان کي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي.
ٻين لفظن ۾، هندستان کي شايد پنهنجي علائقائي جي وڏي پليٽ فارم کان شروعات ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڏکڻ ايشيائي ملڪن پاران 1985 ۾ ڍاڪا ۾ٺاهيو ويو هو، ته جيئن دهشتگردي سميت سڀني عام مسئلن تي پاڻ ۾ ويھي ڳالهه ٻول ڪري سگهجي. هي 7 رڪني سھڪاري تنظيم سارڪ آهي، جيڪا هاڻي افغانستان جي شموليت کان پوءِ 8 ميمبرن تي ٻڌل آهي.
شروعات ۾ مودي سارڪ ميمبرن جي سربراهن کي پنهنجي حلف برداري تقريب ۾ دعوت ڏئي ھڪ سٺو قدم کنيو ھو، پر پوءِ شايد هو ان نظرئي جو قائل ٿي ويو ته هندستان پنهنجن پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.پر سچ اهو آهي ته جيئن پڪي زمين کان سواءِ راڪيٽ کي خلا ۾ نه ٿو موڪلي سگهجي، تيئن ڪو به ملڪ تيستائين عروجحاصل نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جا بنياد ملڪ اندر مضبوط نه هجن.