واپارين جو وس پڄي ته ڪڪڙ جو به لک رپيا گهرن: نعمان اعجاز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار نعمان اعجاز عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مال پڙين ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جانورن جي اگهن تي ٺٺول ڪئي آهي.
اداڪار سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
اداڪار لکيو ته ” جيڪڏهن اڄڪلهه مال پڙين ۾ ڪڪڙ به وڪرو لاءِ آندو وڃي ته واپاري ان جو لک رپيا گهرندا…!“
نعمان جي اسٽوري تيزيءَ سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.