سرجريون يا ٻيو ڪجهه ؟ هالي ووڊ جي سپر اسٽار ٽام ڪروز جي فٽنيس جو راز کُلي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروزفلمي دنيا ۾ پنهنجي خطري سان ڀرپور اسٽنٽس سميت شاندار فٽنيس جي ڪري به ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
تازو ئي سندس فٽنيس سان لاڳاپيل روزمره زندگي ۽ خوراڪ بابت تفصيل سامهون آيا آهن.
ميگزين ” مينز هيلٿ“ جي رپورٽ موجب ٽام ڪروز جي روزاني خوراڪ رڳو 1200 ڪيلوريز تي مشتمل هوندي آهي.
رپورٽ موجب، هو تيل ۽ سڻڀ کان پاڪ اُٻاريل اڇي مڇي ۽ ڀاڄين کي ترجيح ڏيندو آهي.
روايتي طور تي ٽن وقتن جي مکيه کاڌي بدران، هو ڏينهن ۾ 15 ڀيرا سنيڪس کائي ٿو، جيڪي سندس مصروف زندگي ۾ فٽنيس قائم رکڻ لاءِ اهم سمجهيا وڃن ٿا.
رپورٽ موجب، ٽام ڪروز شراب کان پاڪ مشروب کي ترجيح ڏيندو آهي، سندس خوراڪ ۾ ميون سان گڏ ڊارڪ چاڪليٽ پڻ شامل آهي، جيڪو نفسياتي سڪون لاءِ مددگار سمجهيو وڃي ٿو.
فٽنيس کي برقرار رکڻ لاءِ هو پروسيس ٿيل يا ڳرو مٺو کاڌو ناهي کائيندو، پر پنهنجي ذاتي بورچي هٿان تيار ڪيل خاص خوراڪ تي ڀاڙيندو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس روز مره جي ڊائيٽ پلان سالمن،، خالص جوَ، بليو بيوريز، سنڍ، بروڪولي، ٽماٽا، پالڪ، زيتون جو تيل، ميوا، مختلف ويٽامنز ۽ منرلز سپليمينٽس شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.