پهلگام ۽ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت پرڏيهي صحافي جي سوالن جئه شنڪر کي منجهائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران آمريڪي ڪردار ۽ پهلگام واقعي بابت سوالن کان لنوائڻ لڳو.
انٽرويوءَ دوران پرڏيهي صحافي ڀارتي پرڏيهي وزير کان سوال ڪيو ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ختم ڪرائي؟
صحافي جئه شنڪر کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ته توهان پهلگام ۾ 26 شهرين جي قاتلن کي گرفتار ڪيو؟ ڇا سندن گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي؟ ان سموري عمل ۾ آمريڪا جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
پرڏيهي صحافي جي سوالن ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر کي منجهائي ڇڏيو ۽ هو ڪو به تسلي جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو.
ان کانپوءِ ڀارتي جماعت ڪانگريس اِها وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽ ڪئي ۽ سوال ڪيو ته سندس زبان ڇو تِرڪي رهي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.