نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان (لوڪ سڀا) ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهل گانڌي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر کان ڀارت ۽ پاڪستان جي تڪرار بابت هڪ ڀيرو ٻيهر سوال ڪري ورتا. راهل گانڌي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جي شنڪر جو تازو انٽرويو شيئر ڪندي پهريون سوال ڪيو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي هاڻي هڪجهڙي نظر سان ڇو ڏٺو پيو وڃي؟ ان پوسٽ ۾ ٻيو سوال اٿاريندي، راهل گانڌي پڇيو ته پاڪستان جي مذمت ۾ ڪنهن به ملڪ ڀارت جو ساٿ ڇو نه ڏنو؟ راهل گانڌي پنهنجي ٽئين سوال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي تازي تڪرار دوران ٽرمپ جي ٽياڪڙيسان جنگ بندي بابت سوال اٿاريو. هن پڇيو ته ٽرمپ کي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو؟