”خانگي ٽوئر آپريٽرز جي ڪوتاهي، هزارين ماڻهو حج تي نه وڃي سگهندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو آهي ته نجي ٽوئر آپريٽرز جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي سبب هزارين ماڻهو حج تي نه وڃي سگهندا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار يوسف چيو ته پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار هئي، سرڪاري اسڪيم تحت مذهبي معاملن واري وزارت سڀ ڪم سرانجام ڏيندي آهي، ٻه ڀيرا سعودي عرب ويو هئس ۽ اتي سعودي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته هن سال حج پاليسي نومبر ۾ منظور ڪئي وئي هئي، ان کانپوءِ ان تي عملدرآمد ڪيو ويو، حج جي 50 سيڪڙو ڪوٽا سرڪاري ۽ ايتر ئي نجي شعبي لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي، پر نجي شعبي ۾ وقت سر قدم نه کنيا ويا.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نجي ٽوئر آپريٽرز جي لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري هزارين ماڻهو حج تي نه وڃي سگهندام آپريٽرز ڪم ۾ دير ڪئي، جڏهن ته سعودي حڪومت نجي شعبي کي 14 فيبروري تائين 25 سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، بعد سعودي عرب هڪ هفتي جي وڌيڪ مهلت به ڏني، پر ان کي به نظرانداز ڪيو ويو.
سردار يوسف چيو ته جڏهن اسان کي ان معاملي جي خبر پئي ته سعودي عملدارن کان وڌيڪ مهلت جي درخواست ڪئي، سعودي حڪومت جي پاليسي رڳو پاڪستان لاءِ نه پر سموري دنيا لاءِ آهي، مان ان معاملي بابت وزيراعظم کي به آگاهه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي درخواست تي نجي شعبي کي 10 هزار جي ڪوٽا ڏني وئي ۽ هلندڙ سال نجي شعبي وسيلي 25 هزار 698 حاجي سعودي عرب ويندا.
هن چيو ته وزيراعظم پاران قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي سفارش تي غفلت جا جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.