ايپل جو ڀارت ۾ فون ٺاهڻ جو ضد، ٽرمپ خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايپل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪمپني پنهنجا آءِ فون آمريڪا ۾ تيار نه ڪيا ته ان کي 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.
پنهنجي سوشل ميڊيا سائيٽ ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر لکيو آهي ته ” مان اڳ ۾ ئي ايپل جي چيف ايگزيڪٽيو ٽم ڪڪ کي چيو هو ته اسان کي اميد آهي ته آمريڪا ۾ وڪرو ٿيندڙ آءِ فون آمريڪي سرزمين تي تيار ڪيا ويندا، ڀارت يا ڪنهن ٻئي هنڌ نه.“
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ايپل کي آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ 15 مئي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايپل کان ڀارت ۾ آءِ فونز نه ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.