اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ايم ايف هدفن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، بجيٽ رولڙي جو شڪار ٿي وئي جيڪا هاڻي ٻه جون بدران ڏهه جون تي پيش ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته وفاقي بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته اقتصادي سروي 9 جون تي پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ 2 جون ٻڌائي وئي هئي.
ٻئي پاسي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن هو، پر آءِ ايم ايف سان بجيٽ جي هدفن تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان بجيٽ بابت ڳالهيون ايندڙ هفتي به جاري رهنديون.