بليو اسڪاءِ جو واهپيدارن لاءِ وڏو اعلان

جيڪڏهن توهان به ايڪس (ٽوئٽر) جهڙو سوشل ميڊيا پليٽفارم بليو اسڪاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو ته هاڻي پنهنجي اڪائونٽ کي ويريفاءِ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهو ٿا.
ڪمپني هڪ مهينو اڳ ٻڌايو هو ته هو جلد چونڊيل اڪائونٽن کي ويريفاءِ ڪندي، هاڻي ڪمپني طرفان واهپيدارن لاءِ اڪائونٽ ويريفڪيشن جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.
اڪائونٽ ويريفڪيشن لاءِ درخواست گوگل فارم ذريعي ڏئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ ڪيترن صفحن تي ٻڌل سوال پڇيا ويندا، صارف کان اڪائونٽ جا تفصيل ۽ اهو به پڇيو ويندو ته هو اڪائونٽ ويريفاءِ ڇو ڪرائڻ چاهي ٿو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪمپني طرفان اڃا تائين اِهو واضح ناهي ڪيو ويو ته بليو چيڪ مارڪ لاڳو ڪرڻ جا ڪهڙا ماڻ ماپا هوندا ۽ درخواستن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيئن ڪئي ويندي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته واهپيدارن جا رڳو اهڙا ڪائونٽ ويريفاءِ ٿيندا جيڪي سرگرم، محفوظ، مستند هوندا.
اڪائونٽ ويريفاءِ ڪرڻ وارن کي پنهنجو بايو مڪمل ڪرڻو پوندي ۽ ٽو فئڪٽر آٿنٽيڪيشن (2FA) جو آپشن استعمال ڪرڻو پوندو.
ويريفاءِ ٿيل اڪائونٽن کي آفيشل، برانڊ، ايٿليٽ، جرنلسٽ، اڪيڊمڪ يا ٻيون ڪيٽيگريز ڏئي بليو چيڪ مارڪ ڏنو ويندو.
ڪمپني موجب، ويريفڪيشن جو معيار واهپيدارن جي راءِ کي نظر ۾ رکي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ هي فارم جو شروعاتي ورجن آهي، جنهن ۾ مستقبل ۾ تبديليون ٿي سگههن ٿيون.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته بنيادي گهرجون ۽ معيار تي پورو لهڻ باوجود به سڀني اڪائونٽن کي لازمي طور ويريفاءِ نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.