رٽائرمينٽ جي عمر 70 سال ڪرڻ جو فيصلو

ڊئنمارڪ جي پارليامينٽ هڪ نئين قانون منظور ڪيو آهي، جنهن تحت ملڪ ۾ ريٽائرمنٽ جي عمر هوريان هوريان وڌائي 2040ع تائين 70 سال ڪئي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ريٽائرمنٽ جي عمر ۾ واڌ کانپوءِ ڊئنمارڪ يورپ جو اهڙو اڪيلو ملڪ هوندو، جتي رٽائرمنٽ جي عمر سڀ کان وڌيڪ آهي.
ڊئنمارڪ ۾ 2006ع کان رٽائرمنٽ جي سراسري عمر جو هر پنجين سال جائزو وٺي ان ۾ نظرثاني ڪئي ويندي آهي.
هن وقت ڊئنمارڪ ۾ رٽائرمنٽ جي عمر 67 سال آهي، جيڪا 2030ع ۾ 68 ۽ 2035ع ۾ 69 سال ٿي ويندي.
رپورٽ موجب، رٽائرمنٽ جي عمر ۾ ڦيرڦار جو قانون انهن سڀني ماڻهن تي لاڳو هوندو، جيڪي 31 ڊسمبر 1970ع کانپوءِ ڄاوا آهن. پارليامينٽ ۾ هن قانون کي 81 ووٽن جي حمايت ۽ 21 ووٽن جي مخالفت سان منظور ڪيو ويو.
ياد رهي ته يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رٽائرمنٽ جي عمر مختلف آهي ۽ ڪيترن ملڪن سراسري عمر ۾ واڌ ۽ بجيٽ خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ ويجهڙائي وارن سالن ۾ رٽائرمنٽ جي عمر وڌائي آهي.
سويڊن ۾ پينشن وٺڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 63 سال آهي، اٽلي ۾ رٽائرمنٽ جي عمر 67 سال آهي، جڏهن ته برطانيا ۾ پڻ اِها عمر هوريان هوريان وڌي رهي آهي. فرانس ۾ به 2023ع ۾ رٽائرمنٽ جي عمر 62 کان وڌائي 64 سال ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.